اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪوورنا وائرس باب?? تازه ترين ۽ تصديق ٿيل انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، 2 لک 10 هزار 468 ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن. اين سي او سي موجب هن وقت سڄي ملڪ ۾ 51 هزار 283 ڪورونا ايڪٽيو ڪيسز آهن، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو به مر??ض وينٽيليٽرز تي نه آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 18 هزار 331 ٽيسٽ ڪيا جنهن مان 1332نوان مثبت ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، وڌيڪ 38 ڪورونا مر??ض لاڏاڻو ڪري ويا، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 5 هزار 677 ٿي ويو، گذريل 24 ڪلاڪن جي دوران ٿيندڙ ٽيسٽن ?? سنڌ جا 6676، پنجاب جا 7435، ڪي پي ڪي جا 1307، اسلام آباد جي 2527، بلوچستان جي 135 گلگت بلتستان جا 60 ۽ آزاد ڪشمير جا 191 ٽيسٽ شا??ل آهن، ملڪ جي مختلف حصن ۾ 1825 وينٽيليٽرز ڪورونا مر??ضن جي لاءِ مختص ڪيا ويا آهن، 255 مر??ض وينٽيليٽرز تي آهن، هيستائين ملڪ ۾ ڪورونا جي مجموعي متاثرين جو تعداد 2 لک 67 هزار 428 آهي، ملڪ جي 733 اسپتالن ۾ 2394 ڪورونا مر??ض علاج هيٺ آهن.