اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا کي روڪڻ جي حوالي سان مثبت نتيجن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪورونا جو گراف مسلسل هيٺ اچڻ تسلي بخش ڳالهه آهي، اين سي او سي جا اجلاس صوبائي گادي وارن شه??ن ۾ منعقد ڪيا وڃن ۽ صوبن جي ڪوآرڊينيشن سان انتظ??مي قدمن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي حفاظتي قدمن ۽ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنه??جي صدارت هيٺ ڪووڊ 19 جي صورتحال جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.