اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته ڪا به حڪومت اڪيلي سر ڪورونا جهڙي وڏي چئلينج جو مقابلو نه ٿي ڪري سگهي، سرندي وارن جي عطين ۽ فلاحي تنظيمن جي ڀرپور معاونت سان حڪومت سڄي ملڪ جي سمورن طبقن تائين پهچڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پناهگاهن بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان پڻ موجود هئا. وفد ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال ۾ وفاقي حڪومت خاص طور تي وزيراعظم ??مران خان پاران ڪمزور طبقي کي ??ليف ڏيڻ جي ڪوششن کي ??ار??هيو، وفد موجوده صورتحال جي ڏس ۾ تعميرات ۽ ٻين مختلف صنعتي سرگرمين جي اجازت ڏيڻ جي حڪومتي فيصلي کي ??ار??هيندي چيو ته ان سان ڪاروباري طبقي جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي.