بيجنگ – 17 م??رچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتڪاري جي ٻن قابل آفيسرن جي خدمتن ۽ چين ۾ رهندڙ شاگردن جي همت ۽ انهن جي رضاڪاراڻي سرگرمين کي ساراهيندي چيو آهي ته چين ۾ رهندڙ پاڪستاني شاگرد غازي آهن ڇو ته اهي ڪرونا جي وبا خلاف جنگ ۾ ڪاميابي سان همڪنار ٿيا آهن، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي دوري جي موقعي تي پرڏيهي وزير مخدوم شا??ه محمود قريشي ۽ منصوبابندي وار?? وفاقي وزير اسد عمر سان گڏ بيجنگ ۾ پاڪستاني شاگر??ن سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو.