سيالڪوٽ – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ ??شر??ات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آ??ي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اسان نئين ۽ خوشحال پاڪستان جو بنياد رکي ڇڏيو آ??ي، ان بنياد تي تعمير ٿيندڙ عمارت ڪرپشن کان پاڪ، معاشي ۽ اقتصادي طور تي مستحڪم ۽ مثالي پاڪستان جي ضامن ثابت ٿيندي، وزيراعظم عمران خان ليڊر آهي جيڪو ايندڙ نسلن جي روشن مستقبل جو سوچي ٿو، سياستدان ته رڳو پنهنجي ايندڙ اليڪشن جو سوچين ٿا ۽ ٽائم پاس ڪن ٿا، ??نرمند پروگرام تحت پنجاب ۾ نيوٽا ذريعي 50 هزار ماڻهن جڏهن ته مدرسن جي 75 شاگردن کي تربيت يافته بڻائڻ جو عمل شروع ٿي ويو آ??ي، پهريون ڀيرو بئنڪ آف پنجاب کي عوام جي خدمت لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، ماضي ۾ ان بئنڪ کي به دوستن جي فيڪٽرين ۽ ڪارخانن کي پهرين قرضن جي فراهمي ۽ پوءِ معافي جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو آ??ي. هو ڪامياب جوان پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.