اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ فوجي ع??ال??ن ۾ عام شهرين ??ي ڪيسن جي حوالي سان ٻڌڻي هيٺ ??يسن جي وڌيڪ ڪارروائي جمعو 10 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي. جسٽس امين ??لدين ??ان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ خميس ڏينهن به ٻڌڻي ??ئي. بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس جمال خان مندو خيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس شاهد بلال حسن شامل هئا. دفاع واري وزارت جي وڪيل خواجه حارث دليل جاري رکيا. ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي جمعي تائين ملتوي ڪئي وئي جنهن ۾ دفاع واري وزارت جو وڪيل پنهنجا دليل جاري رکندو.