اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بور?? واري وفاقي و??ير عبدالعليم خان سان ترڪيه جي ايئر لائن پيگاسس ۽ ڪاروباري اداري هٽ اِٽ جي چيئرپرسن نور گوڪمان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي دلچسپيءَ جي گڏيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. وفاقي و??ير ملاقات د??ران ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻا، دوستاڻا، تاريخي ناتا ۽ گهرا رابطا آهن، ٻنهي ملڪن جو عوام هڪٻئي سان دلي رشتن ۾ ٻَڌل آهي. هن چيو ته اسان ترڪيه سان واپاري ڳاڻيٽي ۾ واڌ ۽ ٻه طرفي ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. هٽ اِٽ ۽ پيگاسس جي چيئرپرسن پاڪستان ۾ مواصلات ۽ شهري هوابازي جي معاملن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي چيو ته ترڪيه پاڪستان سان بزنس ٽو بزنس سرگرمين ۾ واڌ جو خواهشمند آهي. هن وفاقي و??ير کي ٻُڌايو ته هٽ اِٽ ڪمپني 70 وڏين ايئر لائنز سان مارڪيٽ شيئر رکي ٿي ۽ اسان جي ڪمپني پي آءِ اي جي سڀ کان وڏي پارٽنر ۽ دنيا ۾ هوابازي جي شعبي ۾ ٽين وڏي ڪمپني آهي. وفاقي و??ير هٽ اِٽ طرفان پاڪستان ۾ بزنس ۾ دلچسپيءَ جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان مواصلات جي شعبي ۾ وڏي پيماني تي هاڪاري تبديليون آڻي رهيو آهي، پرڏيهي ڪاروباري ادارن جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ مڪمل همٿ افزائي ڪنداسين. وفاقي و??ير چيئرپرسن لاءِ پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام پاران خ??ر سگالي جي جذبن جو به اظهار ڪيو. ملاقات ۾ هٽ اِٽ جي چيف آفيسر اطيله ليزي ۽ پاڪستان لاءِ ڪوآرڊينيٽر آسي غامزي به ملاقات جي موقعي تي موجود هئا.