اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اق??ال چيو آهي ته اُڏار پاڪستان پروگرام هڪ انقلابي قدم آهي، ان سان تعليم، صحت، روزگار ۽ ڪاروبار جي موقعن ۾ واڌ ٿيندي. اهڙو اظهار هن موجوده حڪومت جي پنج ساله ق??مي اق??صادي منصوبي (29-2024ع) ” اُڏار پاڪستان“ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. احسن اق??ال اُڏار پاڪستان کي جٽادار اق??صادي ترقي کي حاصل ڪرڻ طرف هڪ ”انقلابي“ قدم قرار ڏيندي چيو ته هي قدم جيڪو سياسي ڇِڪتاڻ يا ڪنهن به سياسي لانگ مارچ کان پاسو ڪندي وڌ کان وڌ قومي اتحاد قائم ڪري ڪامياب ٿي سگهي ٿو. ان کانسواءِ معاشي لانگ مارچ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان دنيا سان اثرائتي انداز ۾ مقابلو ڪري سگهون. هن چيو ته حڪومت جي موجوده معاشي چئلينجن کي اثرائتي طريقي سان مُنهن ڏيڻ لاءِ فوري قدم کنيا هئا، پر ملڪ کي خوشحال ۽ معاشي طور تي مضبوط بنائڻ لاءِ مسلسل بنيادن تي ڊگهي مُدي واري رٿابندي جي ضرورت هئي. وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پنهنجي گذريل د??رن ۾ ويزن 2010ع ۽ ويزن 2025ع جي شروعات ڪئي هئي پر سياسي عدم استحڪام سبب ان تي مڪمل عملدرآمد نه ٿي سگهيو پر هاڻ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پنج ساله منصوبو تيار ڪيو آهي جيڪو پائيدار اق??صادي ترقي جو بنياد ثابت ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته ق??مي اق??صادي منصوبي جا ثمر عام ماڻهوءَ تائين پهچ??يا ويندا ۽ بهتر تعليم، صحت، روزگار ۽ ڪاروبار جي موقعن ۾ اضافو ٿيندو.