اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي رومانيا، صوماليا، نيپال، جاپان ۽ بنگلاديش جي سفيرن اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ هڪ تقريب دوران پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. صدر کي رومانيا جي نامزد سفير ڊان اسٽوئنسڪو، وفاقي جمهوريه صوماليا جي نامزد سفير شيخ نور محمد حسن، نيپال جي نامزد سفير ريتا ڌتل، جاپان جو ??امزد سفير اڪامتشو شيوچي ۽ بنگلاديش جي نامزد هاءِ ڪمشنر محمد اقبال حسين خان پنهنجُون سفارتي سندُون پيش ڪيُون. صد?? سفيرن جو استقبال ڪندي کين سندن مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو پاڪستان سان واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪر??ار ادا ڪندا. ان کان اڳ سفيرن جي ايوان صدر پهچڻ تي پاڪستان جي هٿيارب??د فوج جي هڪ دستي کين گارڊ آف آنر پيش ڪيو.