اسلام آ??اد -03 ڊسمبر (اي پي پي) پ??ڪس??ان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ٽي ٽوئنٽي بلائينڊ ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جو ٽائيٽل کٽڻ تي ٽي?? کي مبارڪون ڏيندي چيو ته بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽي?? جي رانديگرن شاندار راند جو مظاهرو ڪيو ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ چيمپيئن هئڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پوري ٽورنامينٽ ۾ بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽي?? جي رانديگرن بهترين راند پيش ڪئي. ڪپتان نثار ع??ي ۽ محمد صفدر شاندار بيٽنگ ڪئي ۽ فائينل ۾ فتح کي يقيني بڻايو. هن چيو ته پ??ڪس??ان بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽي?? جي مينجمينٽ به مبارڪن جي مستحق آهي. ٽي?? جي سمورن رانديگرن جذبي سان محنت ڪئي ۽ ورلڊڪپ ٽائيٽل کٽيو.