اسلام آباد-28 ن??مبر (اي پي پي) سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته نجڪاري، سيڙپڪاري ۽ مواصلات جي شعبن ۾ مربوط قدمن ذريعي اڳيان وڌڻ چاهيون ٿا. سيڙپڪاري بورڊ مان جاري پريس رليز موجب وفاقي وزير آذربائيجان ۾ پاڪستاني سفير سان وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس دوران آ??ربائيجا?? جي تازي دؤري جي روشني ۾ سيڙپڪاريءَ جي معاملن تي غور ويچار ۽ آئنده لائحه عمل تي تفصيلي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير، آذربائيجان ۾ پاڪستا?? جي سفير قاسم محي الدين کان فالو اپ معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. وڊيو لِنڪ اجلاس ۾ مواصلات ۽ نجڪاري جا وفاقي سيڪريٽري به شريڪ هئا. هن پنهنجي کاتي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. قاسم محي الدين، وفاقي وزير کي مختلف معاملن تي ٿيل اڳڀرائيءَ بابت آگاهه ڪيو. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته آذربائيجان جا مختلف سرڪاري ادارا پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ادار?? جي نجڪاري ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته آذربائيجان سان مواصلات جي شعبي ۾ ٻن موٽر ويز، ايم 6 ۽ ايم 9 ۾ سيڙپڪاري تي به غور ڪيو. هن چيو ته ترڪيه ۽ آذربائيجا?? جي پاڪستان ۾ سفيرن سان جلد ڌار ڌار ملاقاتون ڪندس. هن هدايت ڪئي ته پاڪستاني سفارتخانو ڊ??مبر جي جوائنٽ ڪميش?? جي اجلاس کان پهرين پنهنجو هوم ورڪ مڪمل ڪري. وفاقي وزير کي آذربائيجان سان سيڙپڪاريءَ لاءِ ”جي ٽو جي“ طريقيڪار تي سيڙپڪاري ۽ ٻه طرفن سرگرمي?? جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي. هن چيو ته واپاري معاملن تي سينٽرل ايشيا پاڪستان لاءِ اوڀر يورپ تائين گيٽ وي ثابت ٿي سگهي ٿو. وفاقي وزير چيو ته باڪو، آذربائيجان ۾ هلندڙ مهيني ٿيل ڪوپ-29 ۾ پاڪستا?? جي نمائندگي نمايان رهي.