اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙي?? واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان جمهوريه ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو ڪالهه ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي روشن وڌي وئي ۽ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ بچاءَ جي شعبن ۾ وڌندڙ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ٿئي. سينيٽر محمد اورنگزي??، عرفان نذير اوگلو کي سندس سفارتي ذميدارين تي ڀليڪار چيو ۽ پاڪستان ۽ ترڪي جي لاڳاپن کي وڌيڪ ه??ي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ه?? واشنگٽن ڊي سي ۾ هاڻوڪي ورلڊ بئنڪ گروپ/آءِ ايم ايف جي سالياني ميٽنگ 2024ع دوران ترڪيه جي ناڻي واري وزير مهمت شمشيڪ سان ٿيل پنهنجي ملاقات جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ پاور سيڪٽر ج?? سڌارن جي حوالي سان ترڪيه جي تجربن مان فائدو کڻڻ جا امڪان بحث هيٺ آيا. وفاقي وزير ترڪيه جي ڪمپنين کي پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ زراعت جي شعبن ۾ گڏيل منصوبن جي اڇ ڪئي جنهن سان بنهي ملڪن کي گڏيل فائدا حاصل ٿيندا. ترڪ سفير پاڪستان جي معاش?? سڌارن کي ساراهيو ۽ ناتن کي و??يڪ مضبوط بنائڻ لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.