اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عورتن تي هر قسم جي تشدد جي روڪٿام لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، پ پ صنفي مساوات ۽ عورتن کي بااختيار بڻائي هڪ بهتر معاشرو جوڙڻ لاءِ پُرعزم آهي. عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عورتن کي خودمختيار بڻائڻ ۽ سندن حفاظت، وقار ۽ حقن جي تحفظ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو. پ پ هڪ اهڙو معاشرو جوڙڻ لاءِ پُرعزم آهي جتي خوف، فرق ۽ تشدد جي ڪا جڳهه نه هجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صنفي بنياد تي تشدد جي ڦهلاءُ تي ڳڻتي آهي، جامع قانونسازي، سماجي ۽ ثقافتي سڌارن ذريعي ڪارڻن کي ختم ڪرڻو پوندو، عورتن خلاف تشدد انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي ۽ هڪ منصفاڻي مساوي معاشري جي قيام ۾ وڏي رنڊڪ آهي، ا??ان کي ان جي خاتمي لاءِ هر رُخ ??ان عزم ڪرڻو پوندو، چاهي اهو گهر ۾ هجي، ڪم وارين جاين تي هجي يا عوامي ماڳن تي هجي. هن چيو ته پ پ ملڪ ۾ پهريون ڀيرو عورتن کي وزيراعظم، اسپيڪر، وزيرن جهڙن عهدن تي چونڊ ۽ ججن جهڙن منصن تي مقرر ڪيو. قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع جي آئين ذريعي صنفي مساوات جو بنيا?? رکيو، ا??ان جو آئين عورتن خلاف اڻبرابري واري سلوڪ جي خاتمي ۽ زندگي جي سمورن شعبن ۾ سندن شرڪت کي هٿي ڏئي ٿو. هن چيو ته شهيد ڀٽو عورتن جي تعليم، کين بااختيار بڻائڻ ۽ سندن تحفظ تي ڌيان ڏئي پاڪستاني عورتن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪيا، شهيد محترمه بينظير ڀٽو عورتن جي حقن جي هڪ ورلڊ آئيڪون آهي، بي بي شهيد عورتن لاءِ ڌار پوليس اسٽيشنون، فرسٽ وومن بئنڪ ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام جهڙا ادارا قائم ڪيا، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اهڙن قدمن عورتن لاءِ بي شمار موقعا پيدا ڪيا، ا??ان شهيد راڻي جي مشن کي جاري رکنداسين ته جيئن هڪ اهڙو معاشرو بڻائي سگهجي جتي عورتون محفوظ، باوقار ۽ ترقي ۾ برابر جون ڀائيوار هجن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صدر آصف علي زرداري جي عورتن جي ترقي ۽ ڀلائيءَ وارا قدم به تاريخي آهن، صدر زرداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام متعارف ڪرايو جيڪو غربت جي خاتمي لاءِ هڪ عالمي سطح تي تسليم ٿيل پروگرام بڻجي چڪو آهي. پ پ عورتن آبادگارن کي زمينون فراهم ڪيون، ٻه ملين کان وڌيڪ عورت ٻوڏ متاثرن جي رهائشي پلاٽ ڏنا وي??. هن چيو ته پ پ جي صوبائي حڪومت عورتن کي پنهنجو ڪاروبار هلائڻ لاءِ بنا وي??ج قرض فراهم ڪيا، آ??ان قرض اسڪيم جي 97 سيڪڙو عورتن قرض واپس ڪيا ۽ پنهنجو ڪاروبار ڪاميابيءَ ??ان هلايو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ حڪومت جا قانونسازيءَ جي حوالي ??ان قدم به تعريف جوڳا آهن، حڪومت سنڌ گهريلو تشدد جي روڪٿام ۽ تحفظ ايڪٽ 2013ع جهڙا قانون بڻايا، عورتن کي ڪم وارن ماڳن تي هرا??ان ڪرڻ ??ان تحفظ ايڪٽ ۽ چائلڊ ميريج ريسٽري??ٽ ايڪٽ 2013ع به اهڙن قدمن ۾ شامل آهن. انهن قانونن جي اثرائتي لاڳو ٿ??ڻ جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن عورتن جي حقن جو حقيقي تحفظ ممڪن ٿي سگهي، عورتن خلاف تشدد جو خاتمو صرف عورتن جو مسئلو ناهي، پر هي هڪ سماجي مسئلو هي جيڪو اجتماعي جدوجهد جي متقاضي آهي. هن چيو ته گڏجي ڪري ا??ان هڪ اهڙو مستقبل بنائي سگهون ٿا جتي هر عورت خوف ۽ عدم مساوات کان آزاد زندگي گذاري سگهي، تشدد سبب متاثر عورتن کي انصاف جي فراهمي ۽ متاثرن کي با اختيار بنائڻ لاءِ مضبوط مددگار نظام قائم ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ جي ڏينهن شعور اجاگر ڪرڻ، متاثرن جي حمايت ڪرڻ ۽ صنفي مساوات کي گڏيل ذميواري طور تي هٿي وٺرائڻ جي عزم ??ان ملهايو وڃي.