اسلام آباد- 13 نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ورلڊ بئنڪ جي ٽيم روانگي واپار ۾ سڌار?? جي ايجنڊا تي خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ ڪالهه هتي ملاقات ڪئي. واپار واري وزارت مان جاري پڌرائيءَ مطابق ملاقات ۾ روانگي واپار کي وڌائڻ ۽ قابل عمل پاليسين کي اختيار ڪرڻ جي حڪمت عملي?? جي حوالي سان خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڄام ڪمال خان روانگي واپار ۾ اضافي لاء?? حڪومت طرفان کنيل قدمن بابت وفد کي آگاهه ڪيو. وفاقي وزير عالمي بئنڪ جي وفد کي ٻُڌايو ته مسابقت کي بهتر بنائڻ ۽ روانگي واپار ڪندڙن لاءِ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آسانيءَ لاء?? حڪومت هڪ متحد پاليسي فريم ورڪ تحت ڪم ڪري رهي آهي. اها هڪمت عملي پاڪستا?? جي روانگي واپار جي شعبي کي بااختيار بنائڻ لاءِ مالياتي، ليڪويڊيٽي سپورٽ، ان پٽ لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ ريگيوليٽري سهولت جهڙا اهم عمل فراهم ڪري روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. عالمي بئنڪ پرڏيهه مشنز ۾ مقرر پاڪستا?? جي ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ آفيسرز (ٽي آءِ اوز) لاءِ پنهنجي حمايت جو سلسلو جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير واپار واري وزارت طرفان 17 سيڪٽرل ڪائونسل?? جي تازي قيام بابت وفد کي ٻُڌايو جنهن جو مقصد پاليسي بنائڻ جي عمل ۾ نجي شعبي جي شموليت ۽ ان کي تقويت ڏيڻ آهي. پاليسي سازي جي عمل کي تقويت ڏيڻ لاء?? حڪومت طرفان کنيل قدمن کي عالمي بئنڪ جي ٽيم طرفان ساراهيو ويو. ٻنهي ڌُرين واپار تي هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ بڻائڻ تي اتفاق ڪيو، جنهن جو وقت بوقت اجلاس ٿيندو ته جيئ?? پاڪستا?? جي 60 ارب ڊالر?? جي روانگي واپار واري صلاحيت کي حاصل ڪرڻ جي هدفن کي اڳتي وڌائي سگهجي.