اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اپر اورڪزئي ۾ پوليو جي خا??مي جي ٽيم تي ح??لي جي شديد مذمت ڪندي پوليو جي خا??مي جي ٽيم تي ح??لي ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پوليس اهلڪارن بهادري سان وڙهندي 3 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪيو. هن شهيد پوليس اهلڪارن جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر حملي ۾ زخمي ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪندي ملڪ مان پوليو جي مڪمل خا??مي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.