اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي ??ي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ چين سدا بهار اسٽريٽجڪ تعاون ۽ حصيداري علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ سنگ ميل آهي. سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو ته چين جي اسٽيٽ قونصلر ?? وزيرا??ظم لي چيانگ جي اسلام آباد ۾ آجيان ڪندي کيس خوشي ٿي آهي. وزيرا??ظم چيو ته هو پنهنجي ڀاءُ، اسٽيٽ قونصلر ?? وزيرا??ظم لي چيانگ جي تاريخي ۽ لاڀائتي دوري جا منتظر آهن جيڪو پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ ??ضب??ط ۽ گهرو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وزيرا??ظم چيو ته اسان ٻطرفن قدمن خاص طور تي چين، پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تي اڳڀرائي جو جائزو وٺنداسين ۽ گڏيل فائدي تي ٻڌل تعاون جون نيون راهون به ڳولينداسين. وزيرا??ظم چيو ته پاڪ چين سدا بهار اسٽريٽجڪ تعاون ۽ حصيداري علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ سنگ ميل آهي.