اسلام آباد-24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??لس??ينين جي پنهنجي سر زمين تان زبردستي بيدخلي ۽ ٻارن جي غذائي کوٽ سان واڳيل انساني معاملن تي گڏيل قومن جي اداري (او سي ايڇ اي) جي تازي رپورٽ تي عالمي برادري کان فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته انسانيت خلاف ڏوهه ڪندڙ اسرائيلي رياست کي ڪٽهڙي ۾ نه بيهاريو ويو ته عالمي ادارو پاڻ ڪٽهڙي ۾ بيٺل هوندو. عالمي ادارن جون رپورٽون اسرائيل خلاف سنگين فرد جرم آهن.وزيراعظم ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ت?? گڏيل قومون جي تازي رپورٽ خوفناڪ ۽ معصوم ??لس??ينين جي نسل ڪشي جي اسرائيلي ڏوهه جو تازو ثبوت آهي. گڏيل قومن جي رپورٽ شاهدي ڏئي رهي آهي ته ڪو به ڏينهن اهڙو ناهي جنهن ۾ بي گناهه ??لس??ينين جو رت نه وهايو ويو هجي. وزيراعظم چيو ت?? گڏيل قومن جي رپورٽ ٻڌائي رهي آهي ته اسرائيل جو سڀ کان وڏو نشانو ??لس??يني ٻار بڻجي رهيا آهن، صاف نظر اچي رهيو آهي ته اسرائيل ??لس??ينين جو نسل ختم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ??لس??ينين جي نسل ڪشي جو سلسلو شروع ٿئي 322 ڏينهن گذري ويا آهن. آگسٽ جي مهيني ۾ اڍائي لک ??لس??ينين جي سندن گهرن مان زبردستي بي دخلي عالمي ادارن، عالمي ضمير ۽ عالمي قانون لاءِ چئلينج آهي. وزيراعظم چيو ته صرف ٻن ڏينهن ۾ 146 ??لس??ينين کي پنهنجي گهرن مان ناحق بي دخلي سان اسرائيل جي ظلم جي رفتار جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، گڏيل قومن جي اداري جي رپورٽ مان تصديق ٿئي ٿي ته هڪ پاسي خطرناڪ هٿيارن سان ??لس??ينين جي نسل ڪشي جاري آهي ته ٻئي پاسي بک کي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اتر غزه ۾ صرف هڪ سيڪڙو ۽ ڏاکڻي علائقي ۾ چار سيڪڙو ٻارن کي خوراڪ ملي رهي آهي، اسرائيل هوائي، زميني ۽ سامونڊي رستي باهه ۽ بارود وسائي عام ??لس??ينين جي قتل کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته انسانيت خلاف ڏوهه ڪندڙ اسرائيلي رياست کي ڪٽهڙي ۾ نه بيهاريو ويو ته عالمي ادارو پاڻ ڪٽهڙي ۾ بيٺل هوندو، عالمي ادارن جون رپورٽون اسرائيل خلاف سنگين فرد جرم آهن، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته انسانيت جي قاتلن کي سزا ڏني وڃي، مظلومن جو تحفظ ڪيو وڃي، پاڪستان ??لس??ينين خاص طور تي ٻارن لاءِ خوراڪ جي فراهمي کي وڌيڪ تيز ڪندو.