پشاور-21 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ايران جي شهر يز?? ۾ پاڪستاني زائرين جي بس کي پيش آيل حادثي تي ايران ۾ پاڪستان جي سفير م??ثر ٽيپو سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته متاثرن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي، جنهن تي ايران ۾ موجود سفير گورنر کي متاثرن جي هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي آهي. ٻئي پاسي گورنر م??اثر خاندانن کي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته حادثي وارو هنڌ قونصل خاني کان 9 سئو ڪلوميٽر پري آهي، پاڪستاني سفير پاڻ امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي، يز?? ۾ پاڪستاني زائرين جي شهادت افسوسناڪ آهي، صدر آصف علي زرداري ان حوالي سان انتهائي ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ صدر پاڪستان سنڌ حڪومت کي حادثي متاثرن جي وارثن سان فوري رابطو ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. متاثرن جو تعلق لاڙڪاڻي سان آهي، انهن جي وارثن کي ڀرپور حڪومتي تعاون فراهم ڪيو ويندو. گورنر چيو ته بس حادثي جي شهيدن جا مڙهه حاصل ڪرڻ ??اءِ صدر زرداري ۽ چيئرمين ??لا??ل ڀٽو زرداري خصوصي هدايتون جاري ڪيون آهن ۽ بس حادثي تي ??لا??ل ڀٽو زرداري فوري طور تي ايراني عملدارن سان پڻ رابطو ڪيو آهي. هن ايراني عملدارن طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري کي به سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي.