اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ??صف علي زرداري پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته فائنل ۾ شاندار اولمپڪس رڪارڊ قائم ڪرڻ ۽ ڊ??هي ترين فاصلي تي جيولين ٿرو ڪرڻ وڏو ڪارنامو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ ??اران جاري بيان موجب صدر ??صف علي زرداري ارشد نديم کي مبارڪباد جي پيغام ۾ چيو ته توهان پوري قوم جو فخر آهيو، ارشد نديم جي فتح پوري قوم جي فتح آهي. صدر چيو ته پيرس اولمپڪس ۾ پاڪستان جي لاءِ تمغو کٽي توهان اسان جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو. صدر ??صف علي زرداري چيو ته ارشد نديم اولمپڪس جهڙي وڏي مقابلي ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ارشد نديم کي مستقبل ۾ وڌيڪ ڪاميابين سان نوازي.