اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار برطانيا جي نئين چونڊيل پرڏيهي معاملن، ??ول?? مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن واري وز??ر ڊيوڊ ليمي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار ڊيوڊ ليمي کي برطانوي پرڏيهي وزير طور مقرري تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته برطانيا ۾ نئين حڪومت پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن ۾ مثبت رفتار کي جاري رکندي. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ برطانوي پاڪستانين جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ??ول?? مشترڪه جي ڏس سميت برطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي پاڪستان جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته موسمياتي ت??ديلي ??ي منهن ڏيڻ، نوجوانن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرڏيهي وز??ر ڊيوڊ ليمي سان گڏ ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون. برطانيا جي پرڏيهي وزير پنهنجي مدي دوران پاڪستان جي لاءِ برطانيا جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي وزيرن ٻطرفي ت??اون کي وڌائڻ ۽ آڪٽوبر ۾ ??ول?? مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.