اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ??يئ??پرسن سينيٽر روبينه خالد سان بئنڪ الفلاح جي صدر/سي اي او عاطف باجوه ۽ ڊجيٽل بئنڪنگ گروپ جي هيڊ يحييٰ خا?? بي آءِ ??يس پي هيڊڪوارٽر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ حقدار عورتن کي رقم جي ورڇ ۾ شفافيت ۽ انهن جي عزت نفس کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ڳالهين دوران سينيٽر روبينه خالد بئنڪ جي نمائندن تي زور ڀريو ته اهي بي آءِ ??يس پي جي حقدار عورتن کي ڪلائنٽس طور ترجيح ڏين ۽ پنهنجي وظيفي جي رقم مان ڪٽوتين کي ختم ڪرڻ لاءِ ??ملي قدم کڻن. ٻئي طرف بي آءِ ??يس پي مان فائدو حاصل ڪندڙن لاءِ فني ۽ هنر جي تربيت جي حوالي سان پڻ ڳالهه ??ول??ه ٿي. عاطف باجوه بي آءِ ??يس پي مان فائدو کڻندڙن لاءِ پائيلٽ مرحلي طور هنر جي تربيت جو منصوبو شروع ڪرڻ تي راضپي جو اظهار ڪيو. انهن گڏيل منصوبن کي بي آءِ ??يس پي ۽ بئنڪ الفلاح ٻنهي جي فني ٽيمن جي مشاورت سان عمل ۾ آندو ويندو ته جيئن مثبت نتيجا حاصل ٿي سگهن.