اسلام آباد -10 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته چيني شهرين جي حفاظت تي ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ??ئي ويندي. جڏهن ته لاڳاپيل ادارا گڏيل سهڪار سان نون ايس او پيز تي 100 سيڪڙو عملدرآمد کي يقيني بڻائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيني شهرين جي سيڪيورٽي بابت ڪور ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، سيڪريٽري دفاع، انچارج نيشنل ڪو آرڊينيٽر نيڪٽا، ڪو آرڊينيٽر نيشنل ايڪشن پل??ن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. جڏهن ته صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جي پوليس ۽ گهرو سيڪريٽريز وي??يو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ چيني شهرين جي سيڪيورٽي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته چيني شهرين جي حفاظت لاءِ ڪا به ڪوتائي برداشت نه ??ئي ويندي. چيني شهرين بابت سيڪيورٽي آڊٽ کي مقرر ٽائين لائين اندر يقيني بڻايو وڃي ۽ لاڳاپيل ادارا گڏيل سهڪار سان نون ايس او پيز تي 100 سيڪڙو کي يقيني بڻائين. اجلاس دوران گهرو وزير کي چيني شهرين جي حفاظت جي سلسلي ۾ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو.