دوشنبي – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??نگ??ائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس جي اجلاس ۽ ايس سي او پلس جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ دوشنبي کان تاجڪستان جي گادي واري شهر آستانه روان?? ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 ۽ 4 جولاءِ تي آستانه، قازخستان ۾ ??نگ??ائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس (سي ايڇ ايس) جي اجلاس ۽ ايس سي او پلس جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قازخستان ويندو. ساڻس نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ ڪابينا جا ٻيا سينيئر ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ گڏ هوندا. ??نگ??ائي تعاون تنظيم جي سربراهي ڪائونسل جي اجلاس ۾ وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عال??ي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. وزيراعظم ايس سي او پلس سمٽ کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عال??ي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. وزيراعظم ايس سي او خطي جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ??نگ??ائي تعاون تنظيم جي اهميت کي اجاگر ڪندو. وزيراعظم سربراهي اجلاس جي موقعي تي شريڪ اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اربع ڏينهن روس جي صدر ولاديمير پيوٽن، ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقاتن جو امڪان آهي. اڄ پاڪستان ترڪيه ۽ آ??ربائيجان جي وچ ۾ ٽي ڌريي ڳالهه ٻولهه جو دور ٿيندو جنهن ۾ وزيراعظم جي به شرڪت جو امڪان آهي. وزيراعظم اڄ ??نگ??ائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن جي اعزاز ۾ قازخستان جي صدر قاسم جومارٽ توڪائيوف پاران ڏنل آجياڻي ۾ به شرڪت ڪندو.