اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي جمهوريه اي??ان جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي کيس دلي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم اي??ان جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي لاءِ نيڪ خواهشن ??و اظهار ڪيو ۽ جمهوري عمل جي ذريعي نئين صدر جي چونڊ تي کيس ۽ اي??ان جي ڀائر عوام کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ڀائر پاڙيسري ملڪن جي حيثيت سان پاڪستان ۽ اي??ان گڏيل تاريخ، مذهب، ثقافت ۽ روايتن جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن. اي??ان جي نئين چونڊيل صدر جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن ??و اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان اي??ان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ واپار، توانائي ۽ علائقائي سلامتي سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي. ان حوالي سان وزيراعظم چيو ته اپريل 2024ع ۾ مرحوم صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي تاريخي دوري دو??ان ٻنهي ملڪن پا??ان گڏيل طور تي ڪيل فيصلن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڀائتي تعاون تي ٻڌل حصيداري جو هڪ بهترين بنياد رکيو هو. اي??ان جي نئين چونڊيل صدر پيز شڪيان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي مبارڪباد تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن علائقائي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ويجهي ر??بطي ۽ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. اها ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه پاڪستان ۽ اي??ان جي وچ ۾ دوستي ۽ ڀائيچاري جي مضبوط رشتن ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي فروغ جي لاءِ ان جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.