اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف انٽرميڊيئٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ لاهور جي امتحانن ۾ دانش ??سڪول جي شاگرد ??حم?? آيان ڪاشف کي پهريون نمبر اچڻ تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ چيو آهي ته دانش ??سڪول جو دائرو سڄي پاڪستان ۾ ڦهلائينداسين ۽ علم جي نور سان ملڪ ۾ تبديلي آڻينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته دانش ??سڪول ميانوالي جي ??حم?? آيان ڪاشف بورڊ جي امتحان ۾ 1190 نمبر کڻي پنهنجي قابليت م??رائي آهي. ??حم?? آيان، سندس گهرڀاتين ۽ استادن کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته دانش ??سڪول جون ٻارڙيون ۽ ٻار نئون مثال بڻجي اڀري رهيا آهن. دانش ??سڪول جو دائرو سڄي پاڪستان ۾ ڦهلائينداسين ۽ علم جي نور سان ملڪ کي تبديلي آڻينداسين. وزيراعظم بورڊ امتحان ۾ ٻيو نمبر ايندڙ ماز حيدر ?? ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ ماهين سجاد، سائنس گروپ ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽن شاگردياڻي?? عبيرا اشرف، زينب آصف ۽ سحر شڪيل کي به مبارڪباد ڏني آهي.