اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۾ معاشي صورتحال مستحڪم آهي جنهن کي برقرار رکنداسين، ايف بي آر ۾ چوري ۽ بدعنواني روڪڻ لاءِ ان جي نئين سر جوڙجڪ ?? ان کي ڊيجيٽلائز ڪري رهيا آهيون، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح 3 سالن ۾ 13 سيڪڙو تائين کڻي وينداسين، نان ??ائلرز جي ڪيٽيگري نه هوندي، هر هڪ کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ جي ميڪرواڪنامڪ صورتحال مستحڪم آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽجي رهيو آهي، مالياتي خسارو ڪنٽرول ۾ آهي، ڪرنسي گذريل ڇهه ست مهينن کان ??ستحڪم آهي، فارن ايڪسچينج ريزروز 9 ارب ڊالر کان ??ڌيڪ آهن جيڪي ٻن مهينن جي امپورٽ بل کي ڪور ڪري رهيا آهن، ناڻي واڌ کي اسان 38 سيڪڙو کان گهٽائي 11 سيڪڙو تائين آندو آهي، ملڪ ۾ معاشي استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي جنهن کي برقرار رکنداسين. هن چيو ته هن وقت اسانجي ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح 9 سيڪڙو آهي جنهن کي ٽن سالن ۾ 13 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻو آهي. ايف بي آر ۾ خامين کي ختم ڪرڻ ۽ چوري ۽ بدعنواني روڪڻ لاءِ ان جي نئين سر جوڙجڪ ?? ان کي ڊيجيٽيلائز ڪيو پي?? وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته نان ??ائلرز جي ڪا ڪيٽيگري نه هوندي، سڀني کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو، ريٽيلرز ۽ ريئل اسٽيٽ جو ٽيڪس نيٽ وڌائينداسين. هن چيو ته بجيٽ ۾ ضرورتمند طبقي جي مفادن جو خيال رکيو ويو آهي، خساري سان ??لندڙ رياستي ادارن جي نجڪاري جو عمل ٽن سالن ۾ مڪمل ڪنداسين. هن چيو ته ايس او ايز ۽ پاور سيڪٽر جا سڌارا پڻ اسان جي ايجنڊا جو حصو آهن.