اسلام آباد-11 جون (اي پي پي)پا??ست??ن ۾ 31 مارچ 24ع تائين رجسٽرڊ ٽي وي سيٽ هولڊرز جو انگ 2 ڪروڙ 51 لک 84719 آهي، پا??ست??ن ٽيليويزن جي ٻن پي ايس ڊي پي رٿ??ئن لاءِ مالي سال 24-2023ع ۾ 204.650 ملين رپيا مخت?? ڪيا ويا. جاري ڪيل پا??ست??ن اڪنامڪ سروي 24-2023ع مطابق پي ٽي وي واحد سرڪاري شعبي جو براڊ ڪاسٽنگ چينل آهي جيڪو ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ خاص طور تي پٺتي پيل علائقن ۾ قومي ۽ عالمي پروگرام نشر ڪري رهيو آهي ته جيئ?? عوام کي ملڪ جي موجوده حالتن کان باخبر رکي سگهجي. پي ٽي عوام کي تفريح، تعليم، ڄاڻ ۽ راندين جي حوالي سان مختلف پروگرامن تائين رسائي فراهم ڪري ٿو ته جيئ?? عوام سماجي ۽ معاشي لحاظ کان صورتحال بابت آگاهه رهي. هن وقت پي ٽي وي تحت پي ٽي وي هوم، پي ٽي وي نيوز، پي ٽي وي اسپورٽس، پي ٽي وي گلوبل، پي ٽي وي نيشنل، پي ٽي وي بولان ۽ پي ٽي وي ورلڊ جون نشريات جاري آهن. پي ٽي وي انگلش نيوز چينل نه صرف پا??ست??ن پر عالمي سطح تي پا??ست??ن جي باري ۾ ڄاڻ فراهم ڪري ٿو. 31 مارچ 24ع دوران پي ٽي وي جي ٻن پي ايس ڊي پي رٿ??ئن لاءِ 204.650 ملين رپيا مخت?? ڪيا ويا. انهن رٿ??ئن ۾ پي ٽي سي اڪيڊمي ۾ نيشنل فلم پروڊڪشن انسٽيٽيوٽ جو قيام ۽ چين جي سهڪار سان ڊجيٽل ٽيرسٽيريل ملٽي ميڊيا براڊ ڪاسٽنگ جو پائليٽ پراجيڪٽ شامل آهي. پي ٽي وي تحت مري?? چراٽ ۽ـ ڪالا شاهه ڪاڪو ۾ ري براڊ ڪاسٽ اسٽيشن تي به ڪم جاري آهي جيڪو اپ گريڊيشن جي مرحلن ۾ آهي.