شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ چيني صدر شي جن پنگ جي اباڻي شهر شي – آن ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم محمد شهباز شريف يانگلنگ ايگريڪلچرل ٽيڪنالاجي ڊيمانسٽريشن بيس جو دورو ڪند?? جتي وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي ايس سي او ماڊرن ايگريڪلچر سينٽر جو دورو ڪرايو ويندو. وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي يانگلنگ ۾ جديد زراعت تي بريفنگ ۽ عملي مظاهري سان گڏوگڏ زراعت جي جديد فيڪٽري جو دورو پڻ ڪرايو ويندو. وزيراعظم سان شانسي صوبي جي پارٽي سربراهه (سيڪريٽري) جائو ايدا جي ملاقات ??ين??ي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني وفد سان گڏ چين جي تاريخي ورثي ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جو دورو ڪند?? جتي کيس تاريخي ورثي جي تحفظ ۽ بحالي ۽ سياحت جي فروغ جي حوالي سان بريفنگ ??ني ويندي.