اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) اطل??عا??، نش??يا??، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته سي پي اين اي ملڪ ۾ شاندار صحافتي روايتن جي امين آهي، ملڪ ۾ جمهوريت جي فروغ، صحافتي ق??رن جي پاسداري ۽ عوام کي باشعور بڻائڻ ۾ سي پي اين اي بطور اداري فعال ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي پيغام ۾ اطل??عا?? واري وفاقي وزير چيو ته جمهوريت جي مضبوطي جي لاءِ صحافت ۽ اظهار راءِ جي آزادي ضروري آئيني گهرج آهي. هن چيو ته حڪومت سدائين ميڊيا جي مسئلن جي حل کي پنهنجي ترجيحن ۾ رکيو آهي. هن چيو ته اخبارن ۽ رسالن جي مسئلن جي حل لاءِ سي پي اين اي سان تعاون جاري رکيو ويندو. اطل??عا?? واري وفاقي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان ??ونڊيل عهديدار صحافت جي شعبي جي بهتري ۽ ميڊيا صنعت جي ڀلائي لاءِ صحافتي برادري جي اميدن تي پورو لهندا. پنهنجي پيغام ۾ اطل??عا?? واري وفاقي وزير سي پي اين اي جي صدر ارشاد احمد عارف، سيڪريٽري جنرل اعجازالحق، سينيئر نائب صدر انور سجادي ۽ ٻين نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.