اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊ??ر 182 ووٽن جي زبردست حمايت سان 2025ع ۽ 2026ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي پاڪستان جي چونڊ تي دلي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي مبارڪباد وا??ي پيغام ۾ نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جنگ جي روڪٿام ۽ ??من کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل قومن جي چارٽر جي ويزن سان پنهنجي وابس??گي کي برقرار رکڻ، عالمي خوشحالي ۽ انساني حقن جي عالمي احترام کي فروغ ڏيڻ جو منتظر آهي. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مينڊيٽ موجب عالمي ??من ۽ سلامتي جي بحالي جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان موقعي تي پرڏيهي وزارت، گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جي سمورن مشنز پاران بهترين مهم ۽ ٽيم ورڪ کي ساراهيو.