اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلو?? چيو آهي ته ازبڪستان جو پرڏيهي وزير بختيار سيدوف اڄ خميس ڏينهن صدر آصف علي زردار سان ملاقات ڪندو، هو عسڪري قيادت سان پڻ ملاقات ڪندو. پريس بريفنگ ۾ ترجما?? چيو ته ازبڪستان جو پرڏيهي وزير هن وقت سرڪاري دوري تي پاڪستان ?? آهي ۽ هن گذريل ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. ترجما?? چيو ته ازبڪ پرڏيهي وزير واپار، واري وزير، نجڪاري واري وزير ۽ مواصلات واري وزير کانسواءِ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير سان پڻ گڏيل ملاقات ڪئي. ه?? چيو ته هيستائين ٿيندڙ ملاقاتن ۾ ڌرين پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ گهڻ رخي ۽ مضبوط حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ?? گڏيل قوم، ايس سي او ۽ او آءِ سي جهڙن گهڻ رخي فورمز تي ويجهي سيڪيورٽي ۽ دفاعي تعاون ۽ مضبوط رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ??هي. ترجما?? چيو ته ڌرين پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ اقتصادي تعاون، واپار، سيڙپڪاري ۽ رابطن کي وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ?? ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلويز پراجيڪٽ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.