اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان صوبي ۽ خيبرپختونخواهه صوبي ۾ وڏين بر??اتن سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي وڏي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪندي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي صوب??ئي حڪومتن سان گڏ بيٺل آهي ۽ امدادي ڪاررواين ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن هدايت ڪئي ته متاثرين تائين امداد جي فراهمي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي. وزيراعظم بر??اتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري بند رستا کولڻ جو ڪم تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم بر??اتن جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن ج?? بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن بر??اتن جي نتيجي ۾ پيش ايندڙ مختلف حادثن ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.