اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) ۽ ٻين اتحادي پارٽين جو صدارتي اميدوار آصف علي زرداري 411 ووٽ حاصل ڪري صدر مم??ڪت چونڊجي ويو. سندس مقابلي ۾ مخ??لف ڌر جي پارٽين جو اميدوار محمود خان اچڪزئي 181 ووٽ حاصل ڪيا. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل غير حتمي سرڪاري نتيجن موجب صدر مم??ڪت جي ??ونڊ لاءِ مجموعي طور پارليامينٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ پنج پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا هئا، قو??ي اسيمبلي هال ۾ قو??ي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن لاءِ قائم پولنگ اسٽيشن مان حڪمران اتحاد جي اميدوار آصف علي زرداري 411 وٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته سندس مقابلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل ۽ ٻين مخ??لف ڌر جي پارٽين جو اميدوار محمود خان اچڪزئي 181 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. قو??ي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي ٽوٽل 1044 اسيمبلي ميمبر?? پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو جن مان مسلم ليگ (ن)، پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين، متحده قو??ي موومينٽ پاڪستان، پاڪستان مسلم ليگ، تحريڪ استحڪام پاڪستان، بلوچستان عوامي پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي ۽ ٻين حڪمران پارٽين جي ??ڏيل اميدوار اڳوڻي صدر آصف علي زرداري 411 ووٽ حاصل ڪيا. پولنگ جو عمل 4 وڳي تائين جاري رهيو، اعلان ڪيل نتيجن موجب صدر مم??ڪت جي ??ونڊ لاءِ اليڪٽوريل ڪاليج ۾ ڪل ووٽ 1185 هئا جن مان 92 سيٽون خالي آهن، ڪل 1044 ووٽر?? پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو جن مان 9 ووٽ رد ٿي ويا، 1035 ووٽ درست قرار ڏنا ويا، پرزائيڊنگ آفيسرن طرفان حتمي نتيجا ملڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن طرفان ڪامياب اميدوار جو نوٽيفڪيشن اڄ آچر تي جاري ڪيو ويندو.