اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??يو آهي ته سرٽيفائيڊ ڪوڙو 9 مئي جي سانحي تي عوامي ردعمل تي مظلوم بڻجڻ جو ڪوڙ ٺاهي رهيو آهي، هي اهو ئي شخص آهي جنهن انصاف جي ڳ??لا ڪندڙ طيبه گل کي اغوا ڪيو، نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪري سياسي مخالفن کي موت جي سزا جي چڪين ۾ رکيو، ٺوس ثبوت کانسواءِ سنگي?? الزام رڳو عمران خان جهڙو ”ميڊيا پريڊيٽر“ ئي هڻي سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته ”مرد روبوٽ ناهن هوندا“ چوندڙ ۽ لباس جي ڪري عورتن ۽ ننڍي عمر جي ٻارڙين تي حملن جي وڪالت ڪندڙ سرٽيفائيڊ ڪوڙو 9 مئي جي سانحي تي عوامي ردعمل تي مظلوم بڻجڻ جو ڪوڙو ٺاهي رهيو آهي، هي اهو ئي شخص آهي جنهن انصاف جي ڳ??لا ڪندڙ طيبه گل کي اغوا ڪيو، وزيراعظم هائوس ۾ قيد ۾ رکيو، ان جي ڏنل ثبوت تي نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪري سياسي مخالفن کي موت جي سزا جي چڪين ۾ رکيو. عورت صحافين سان بدتميزي ۽ بدسلوڪي جي انتها ڪئي، انهن بابت ??يو ته انهن کي ”مردن ۾ گهرڻ جو شوق آهي.“ اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته عمران خان جا اوورسيز پاڪستانين ۽ دنيا کي گمراهه ڪرڻ جا ڪڌا حربا به سائفر ۽ ٻين ڊرامن وانگر فلاپ ٿيندا. هن ??يو ته عمران خان پروپئگنڊه ڪرڻ بدران ثبوت پيش ڪري نه ته زبان بند ڪري. عمران خان ثبوت کانسواءِ سنگي?? الزام هنيا جيڪي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، هي پي ٽي آءِ جي بليڪ ميلنگ ۽ بي حسي جو دور نه آهي. مريم اورنگزيب ??يو ته ٺوس ثبوت کانسواءِ سنگي?? الزام رڳو عمران خان جهڙو ”ميڊيا پريڊيٽر“ ئي هڻي سگهي ٿو جيڪو روزانو ڪوڙ ڳالهائي ٿو، جعلي وڊيوز ۽ فوٽوز جاري ڪندي پڪڙيو وڃي ٿو.