اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۾ 30 لک افغان ??نا??گيرن کانپوءِ روهنگيا واسين جو انگ به 4 لک تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته عالمي برادري کي افغان ??نا??گيرن جي پراڻي صورتحال کي فراموش نه ڪرڻ گهرجي، پاڪستان هن وقت به 30 لک کان وڌيڪ افغانين جي ميزباني ڪري رهيو آهي، جڏهن ته 4 لک روهنگيا واسين به پاڪستان ۾ ??نا??ه حاصل ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??نا??گيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪ بيان ۾ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو سڄي دنيا ۾ ??نا??گيرن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ ساٿ ڏين، بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ??نا??گيرن جي عالمي ڏينهن جي ياد ?? عالمي برادري سان گڏ آهي، ان ڏينهن کي ملهائيندي اسان سڄي دنيا ۾ ??نا??گيرن سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، اهو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان جبري لڏپلاڻ جي محرڪن تي غور ڪريون ۽ تڪرارن جي روڪٿام ۽ انهن جي حل سميت ??نا??گيرن جي هالتن لاءِ پائيدار حل ڳولڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو ڏينهن عالمي بار ۽ ذميداري جي سهڪار جي اصول تحت ??نا??گيرن جي تحفظ لاءِ اسان جي اجتماعي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو به موقعو آهي، بيان موجب پاڪستان چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ ڊگهي ترين ??نا??گيرن جي حالتن ۾ هڪ جي ذميداري پنهنجي ڪلهن تي کنئي آهي، پاڪستان 30 لک کان وڌيڪ افغان ??نا??گيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي جڏهن ته 4 لک روهنگيا واسين به پاڪستان ۾ ??نا??ه حاصل ڪئي آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيئن جيئن سڄي دنيا ?? نيون حالتون اڀري رهيون آهن عالمي برادري کي افغان ??نا??گيرن جي پراڻي صورتحال کي فراموش نه ڪرڻ گهرجي، ڪووڊ سان جڙيل سماجي، اقتصادي ۽ صحت جي چئلينجن جي ڏس ۾ نئين عالمي عزم جي ضرورت آهي، افغان ??نا??گيرن لاءِ باقاعده، متوقع ۽ مناسب مالي ??مد??د جي ذريعي انهن جي محفوظ ۽ باوقار واپسي جي ضرورت آهي، پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ چيو ته افغان جي استحڪام ۽ پائيدار سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ ضروري قدم کڻڻ اهم آهي ته جيئن مستقبل ۾ ??نا??گيرن جي ملڪ مان نڪرڻ جي امڪانن کي روڪي سگهجي، پاڪستان ان ڏينهن جي مناسبت سان گڏيل قومن جي ??نا??گيرن بابت اداري يو اين ايڇ سي آر کي سڄي دنيا ۾ ??نا??گيرن ۽ ميزبان برادري جي حمايت جي واکاڻ جوڳي ڪم تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان يو اين ايڇ سي آر سان پنهنجي قابل قدر سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو منتظر آهي، اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو سڄي دنيا ۾ ??نا??گيرن لاءِ پائيدار هل لاءِ ان جي ڪوششن ۾ تنظيم جو ساٿ ڏي.