اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف سان پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي ملاقات ڪئي. گڏيل عرب امارات جي سفير وزي??اع??م کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي گڏيل عرب امارات پاران پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي سفير جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ مخ??لف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ ان جي ڪوششن کي ساراهيو. وزي??اع??م گڏيل عرب امارات جي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ يو اي اي جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. وزي??اع??م رڳو 50 سالن جي عرصي ۾ ملڪ کي تبديل ڪرڻ جي گڏيل عرب امارات جي قيادت جي ويزن کي پڻ ساراهيو. وزي??اع??م ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، انفراسٽرڪچر، غذائي تحفظ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪ??ڻ سميت اقتصادي تعاون جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ سدائين خاص لاڳاپا رهيا آهن جن جو بنياد گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ جاگرافيائي ويجهڙائپ تي آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ پڻ ويجها رابطا آهن. وزي??اع??م گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ سمنڊ پ??ر پاڪستانين جي اهم ڪردار کي ساراهيو جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط پل جو ڪردار ادا ڪن ٿا. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ اعليٰ سطحي رابطن سان ٻطرفي تعاون کي سگهه ملي ٿي.