فيصل آباد – پهرين مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ميان فرخ حبيب شهر جي مختلف يوٽيلٽي اسٽورز جو اوچتو د??رو ڪيو ۽ اتي موجود شين جي ڪوالٽي ۽ وزن ۽ اگهه چيڪ ڪيا جڏهن ته خريدارن کان شين جي قيمتن ۽ معيار بابت ??ڻ معلوم ڪيو. مملڪتي وزير يوٽيلٽي اسٽورز جي سمن آباد ڦاٽڪ ويجهو ۽ سمندري روڊ چناب گارڊن ڪالوني برانچز ۾ ويو ۽ اتي دستياب شين جو جائزو ورتو. هن خريداري ۾ مصروف شهرين کان کاڌي پيتي جي شين ج?? مقدار ۽ معيار بابت معلوم ڪيو ۽ ڪجهه پيڪ شين جو وزن ڪري انهن ج?? مقدار چيڪ ڪرڻ سميت انهن تي لکيل تياري جي تاريخ پڻ چيڪ ڪئي.