اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته جيستائين ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو نٿو ٿئي تيستائين ٽيڪس چوري روڪي نٿي سگهجي، شوگر انڊسٽري، سيمنٽ انڊسٽري، فرٽيلائيزر انڊسٽري ۽ سگريٽ انڊسٽري ۾ وڏي پئماني تي ٽيڪس چوري ٿيندي آهي، 40 سيڪڙو سگريٽ بليڪ تي وڪرو ڪيا وي??دا آهن، اڻ سڌي ٽيڪسن جو بار عوام کي کڻڻو پوند?? آهي، ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو منع نامو ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ملڪ جي چونڊ نظام کي شفاف بڻائ?? جي لاءِ اڻٽ?? ٿي چڪي آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏي?? جي معاملي تي اڳڀرائي کان ڪابينا جي هر اجلاس ۾ آگاهه ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.