اسلام آباد – 07 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزي?? علي محمد خان چيو آهي ته وزيراعظ?? عمران خان جو 25 سالا ڊگهو سياسي ڪيريئر چئلينجز سان ڀريل آهي ۽ هو ڄاڻي ٿو ته انهن کي ڪهڙي طرح منهن ڏيڻو آهي، وزيراعظم عوام کي ريليف ڏئي انهن جي زندگي جي معيار ۾ تبديلي آڻڻ جي مشن تي گامزن آهي، وزيراعظ?? عمران خان پهرين ڏينهن کان پنهنجي واعدي تي قائم آهي ته بدعنوان عنصرن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي احتساب جو عمل جاري رهندو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وزيراعظم پاڻ قومي اسيمبلي ??ان اعتماد جو ووٽ ورتو آهي جڏهن ته ان کي آئيني يا قانوني طور تي ان جي ڪا ضرورت نه هئي. علي ??حمد خان چيو ته مون کي پارلياماني ميمبرن تي فخر آهي جن وزيراعظ?? عمران خان جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ اسان عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي جو سفر جاري رکنداسين.