ڪوئيٽا – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ ڏينهن جي دوري ??ي ڪوئيٽا پهچي ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گڏ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي هئي، ڪوئيٽا ايئرپورٽ تي بلوچس??ان جي گورنر جسٽس (ر) امان الله خان ياسين زئي ۽ اعليٰ عملدارن صدر جي آجيان ڪئي، ڪوئيٽا ايئرپورٽ کان صدر گورنر هائوس گورنر هائوس روانو ٿي ويو جتي هن کي بلوچس??ان ۾ زراعت جي پيداوار وڌ??ئڻ جي باري ۾ بريفنگ ڏني ويندي، ان موقعي تي گورنر هائوس ۾ بلوچس??ان جو گورنر امان الله ياسين زئي صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي.