اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان سان ازبڪستان جي نائب وزيراعظم براءِ سيڙپڪاري ۽ پرڏيهي اقتصادي لاڳاپا سر دور عمر زقوف ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ڪووڊ -19 جي وبا، ٻه طرفي تعاون، علائقائي رابطاڪاري ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي سميت گڏيل د??چس??ي جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود به ملاقات ۾ موجود هو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ وي??ها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، هن ازبڪستان جي صدر سان پنهنجي ملاقات جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان عالمي وبا جي ختم ٿيڻ تي سندس دوري جو منتظر هوندو، وزيراعظم چيو ته مختلف ريلوي منصوبن جي تعمير جي نتيجي ۾ واپار ۽ علائقائي رابطاڪاري جا موقعا وڌندا، ازبڪ نائب وزيراعظم ازبڪستان جي صدر طرفان وزيراعظم عمرا?? خان جي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته هو پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.