لاهور / اس??ام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمارٽ لاڪ ڊائون ئي پاڪستان جهڙن ملڪن جي لاءِ ڪو??ون?? وائرس کي منهن ڏيڻ جو واحد حل آهي، ڪو??ون?? جو ڦهلاءُ به روڪڻو آهي ۽ معيشت جو ڦيٿو هلائڻو آهي ته جيئن غريب تي بار نه پوي، عوام احتياط نه ڪيو ته مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو ??ون??و، عوام احتياط نه ڪيو ته ان لاءِ وائرس تيزي سان پکڙيو، هاڻي لاڪ ڊائون نه ڪنداسين پر مخصوص ايرياز بند ڪرائينداسين ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ۽ ڪو??ون?? جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ سختي ڪنداسين، عوامي جاين تي ماسڪ پائڻ لازمي هوندو، عوام جي مٿان آهي ته احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري حالتن کي بگڙڻ کان بچائي، صوبن جا ??ور?? به ڪندس ۽ ڪو??ون?? جي ڦهلاءُ جي صورتحال ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد کي پاڻ مانيٽر ڪندس. هو پنجاب ۾ ڪو??ون?? وائرس جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس کانپوءِ ڳالهائي رهيو هو.