اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصاد?? رابطا ڪم??ٽي (اي سي سي) وفاقي حڪومت جي صحت واري شعبي جي ملازمن کي رسڪ الائونس (هڪ پگهار جي برابر) جي ادائيگي لاءِ 480.556 ملين روپين جي منظوري سميت مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ ڪيترين ئي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اقتصاد?? رابطا ڪم??ٽي ڪامياب جوان پروگرام جي ??هم شرطن ۾ تبديلي جي منظوري به ڏني آهي، هاڻي ان پروگرام تحت هڪ لک کان وٺي 10 لک روپين تائين، 10 لک روپين کان وڌيڪ هڪ ڪروڙ روپين تائين ۽ هڪ ڪروڙ کان وٺي اڍائي ڪروڙ تائين جو قرض فر??هم ڪري سگهبو. اجلاس ۾ ٽو ۽ ٿري وهيلز ۽ هيوي ڪمرشل گاڏين لاءِ ال??ڪٽرڪ وهيڪل پاليسي جي منظوري به ڏني وئي آهي، اقتصاد?? رابطا ڪم??ٽي جو اجلاس وزيراعظم جي نا??ي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.