اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا کي شگر انڪوائري رپورٽ جي سفارشن جي روشني ۾ مس??قبل جي حڪ??ت عملي ۽ لاڳاپيل ادارن پاران وڌيڪ ڪارروائي تي ت??صي??ي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت پاران شگر انڪوائري جو مقصد انهن سببن ۽ حقيقتن کي سامهون آڻڻ هو جن جي ڪري کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو ۽ عوام تي غيرضروري بار وڌو ويو. هن چيو ته انڪوائري جي نتيجي ۾ سامهون ايندڙ سمورين حقيقتن جي روشني ۾ نظام ۾ موجود ڪوتاهين جي درستگي ۽ س??ار?? جي لاءِ قدم کنيا ويندا. اجلاس ۾ ف??صلو ڪيو ويو ته انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ سامهون ايندڙ حقيقتن جو جائزو وٺڻ لاءِ بين الوزارتي ڪميٽي جوڙي ويندي جيڪا مختلف رخن کان رپورٽ جو جائزو وٺندي ۽ موجوده نظام بشمول ريگيوليٽرز جي موثر ڪردار جي حوالي سان ٺوس س??ار?? جي لاءِ سفارشون جوڙيندي. وزيراعظم چيو ته انهن قدمن جو مقصد ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته مس??قبل ۾ عوام کي استحصال ۽ غيرضروري قيمتن ۾ اضافي جي بار کان محفوظ رکي سگهجي. ڪابينا کي صوبن پاران ڪڻڪ جي خريداري جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي ۽ مس??قبل ۾ طلب ۽ پهچ جي ڪاٿن بابت ت??صي??ي بريفنگ ڏني وئي.