اسلام آباد – 17 فيبروري (ا?? پي پي) گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر فلپو گرانڊي چيو آهي ته 40 سالن کان پاڪستان پنهنجي پاڙي??ري ملڪ افغانستان سان بهادري سان بيٺل رهيو آهي، پاڪستان ۽ ايران انتهائي مشڪل حالتن ۾ لکين افغان پناهگيرن کي پناهه ڏنو، ميزبان ملڪن جي حڪومتن ۽ عوام جي قربانين کي ساراهيون ٿا، افغانستان ۾ اڃان مڪمل جنگ ختم ناهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ 40 سالن کان رهندڙ افغان پناهگيرن جي حوالي سان ع??لم?? ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.