اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڄ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ??ي بهادر ۽ ثابت قدم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جن ظلم ۽ ڏاڍ کان آزادي ۽ پنهنجي خودمختياري جي حق جي لاءِ 7 ڏهاڪن کان جاري جدوجهد ?? بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، 5 آگسٽ جي ڀارتي غيرقانوني ??اررواين والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پاڪستاني عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏني آهي، پاڪستان هر فورم تي ڄمون ۽ ڪشمير ??و مسئلو اٿاريندو رهندو، حڪومت ۽ پاڪستاني عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن م??جب خودمختياري جو حق ملڻ تائين ڪشميري عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير ??ان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.