اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ٻار قوم جو مستقبل ۽ پاڪستان جا وارث آهن، ٻار ئي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪندا، ٻارن جي حقن جو تحفظ ۽ انهن کي بهترين تعليمي ۽ طبي سهولتن جي فراهمي اسان جي اولين ترجيح هج?? گهرجي، اسلام ٻارن جي حقن جي تحفظ تي تمام گهڻو زور ڏنو آهي، مسلمان جي حيثي?? سان ٻارن جي حقن جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي، مديني جي رياست ۾ اڄ کان 1440 سال اڳ ٻارن ??ي سماجي ۽ معاشي تحفظ فراهم ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽري سروس?? پيپس اسلام آباد ۾ ٻارن جي حقن جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ تقر??ب کي خطاب ڪندي ڪيو.