اسلام آباد – 29 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي درگذر جو رويو اختيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي معاشري ۾ ترقي پسند سوچ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، هيلٿ سروسز واري وزارت طرفان وفاقي گادي واري شهر جي اسڪولن ۾ ٻارن جي ذه??ي دٻاءُ جي جائزي جي پروگرام سان ٻارن کي نفسياتي دٻاءُ ۽ مسئلن کان ??چائڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ??نسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ نوجوانن کي درپيش ذه??ي صحت جي چئلينجز ۽ ان ??ي حل بابت سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.