اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ترقياتي فنڊن جو استعمال يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ منصوبابندي واري وزارت ماهوار رپورٽ پيش ڪري، منصوبن کي جلد م??مل ڪرڻ سان معيشت مستحڪم ٿيندي، گهربل هدف حا??ل ڪرڻ جي ل??ءِ بهترين پاليسيون جوڙيون وڃن. اها هدايت هن وزيراعظم آفيس اسلام آباد ۾ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي ل??ءِ اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.