اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين (پي آءِ اي) يورپي سول ايوي ايشن جي ڪليئرنس جي چئن سالن کانپوءِ جمعو 10 جنوري 2025ع تي ??ئرس لاءِ اڏامن جي ٻيهر شروعات ڪندي جنهن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. پي آءِ اي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب 4 سالن کانپوءِ انهن اڏامن جي شروعات ٿيڻ وڃي رهي آهي، قومي ايئر لائين پي آءِ اي اسلام آباد کان پئرس هفتيوار 2 ڏ??مون جمعي ۽ آچر تي ??لائيندي، ان روٽ تي اڏامن جي شروعات سان پي آءِ اي جي يورپ لاءِ اڏامن جي شروعات ٿي ويندي ۽ آهستي آهستي اڏامون وڌايون وينديون. پي آءِ اي ترجمان موجب اسلام آباد کان اڏام صبح ساڍا 11 وڳي رواني ٿيندي. پئرس کان واپسي اڏام شام 6 وڳي ٿيندي. ترجمان چيو ته شيڊول جي سهولت اهڙي آهي جو مسافر ناشتو پاڪستان ۾ ۽ ٻنپهرن جي ماني پئرس ۾ کائيندا.